سنڌي ڪهاڻيون

سنڌي ڪهاڻيون

سنڌي ڪهاڻيون

سنڌي ڪهاڻيون (ڪتاب): هند جي نامور ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار ٺاڪر چاولا جي ڪهاڻين جو هي ٽيون نمبر ڪتاب آهي، جنهن ۾ هن جي 23 ڪهاڻين سان گڏ، مني ڪهاڻيون ۽ ’بنا عنوان ڪهاڻيون‘ بنهه ننڍڙيون ڪهاڻيون به شامل آهن. ڪتاب جي مهاڳ ۾ نامور شاعر پرڀو وفا، ٺاڪر چاولا جي ڪهاڻين کي اعلى درجي جون معياري ڪهاڻيون سڏيو آهي. سندس ڪهاڻين ۾ حقيقت نگاري ڪوٽان ڪوٽ ڀريل آهي. ڪهاڻين جي ٻولي سادي، سوادي، سلوڻي ۽ سپڪ آهي. مهاڳ کانپوءِ سندس ڪهاڻين تي چوئٿرام لعلچنداڻيءَ ”ٺاڪر چاولا، هڪ ساهتيڪ شخصيت“ عنوان هيٺ سندس سموري ادبي پورهئي، خصوصاً سندس ڪهاڻين جي ٻن ڪتابن تي تفصيلي روشني وڌي آهي. واسديو نرمل پڻ ’ٺاڪر چاولا جون ڪهاڻيون‘ عنوان واري ليک ۾ سندس ڪهاڻين جو جائزو وٺندي لکيو آهي ته: ”ٺاڪر چاولا، سنڌي ننڍي ڪهاڻيءَ کي نئون موڙ ڏئي، گويا ننڍڙي ڪهاڻيءَ جي دين سنڌي ساهت کي ڏني آهي. سماج جي مختلف مسئلن جي الڳ الڳ پهلوئن کي موضوع بنائي، ننڍڙيون ڪهاڻيون لکيون اٿائين، جن ۾ سماج جي براين جي اوگھڙ ڪئي اٿائين.“
ڊيمي سائيز جي 136 صفحن ۽ خوبصورت ٽائيٽل وارو هي ڪتاب امرتا آنند پبليڪيشن، ممبئي، 2005ع ۾ ڇپايو آهي، جنهن جي قيمت 80 روپيا آهي.


لفظ سنڌي ڪهاڻيونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو